مير مرتضيٰ ڀٽو

مير مرتضيٰ ڀٽو

مير مرتضيٰ ڀٽو

مير مرتضيٰ ڀٽو: شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو فرزند مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن ’ اوليول ‘ جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو . گـريـجـوئيـشن ڪـرڻ لاءِ هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو ، جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم . لٽ ( M . Lit . ) جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو ، پر ان دوران 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن سبب مير صاحب اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو، پر پنهنجي عظيم والد جو پيغام مليس ته هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري. ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري ’ المرتضيٰ هائوس ‘ ۾ موجود هو، جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس والد حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. ان سياهه دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق جي سازش سان ڦاسي ڏني وئي ته ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ جدوجهد جو آغاز ڪيو، جنهن جو مقصد جنرل ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو. چيو وڃي ٿو ته سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجهد سبب ’ الذوالفقار ‘ نالي تنظيم به ٺاهي وئي، ٻنهي ڀائرن پنهنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي همدردن جي حمايت به حاصل ڪئي ، پر جنرل ضياءُ جا ارادا نه بدليا ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته کيس پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ جو فڪر رهندو هو ، انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي ، جيڪي نسلي طور افغاني هيون . ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي به ٿي . مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو . 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀُٽو ، جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو ، ان جو لاش سندس گهر مان مليو ، جنهن بابت اهو محسوس ٿيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو . ( وڌيڪ ڏسو: ڀٽو شاهنواز ) جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو . ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو . مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه سال جلا وطن رهيو ، ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي.1993ع ڌاري هو وطن موٽيو ، سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو . ڪجهه سالن بعد سندس ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي ، پر ان اليڪشن دوران هن محترمه بينظير ڀٽو سان ڪجهه نظرياتي اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي . جڏهن ته پ پ ( شهيد ڀٽو ) کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو. جنهن سبب ڪجهه ڳجها گروهه سندس خلاف هئا . آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاهه وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي، جنهن تي پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو.مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ ساهه پورا ڪيائين ۽ شهيد ٿي ويو. ساڻس گڏ سندس ڇهه ساٿي به اجل جو شڪار ٿيا . سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو ويو . ان سانحي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو،ڀاءُ جي غم ۾ ورتل تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف اها سازش ڪامياب ٿي ، جنهن بعد پيپلزپارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون .( وڌيڪ ڏسو: بينظير ڀٽو ) هن وقت مرتضيٰ ڀٽي جي قائم ڪيل پارٽي پ پ ( شهيد ڀٽو ) جي سربراهه سندس بيوه غنويٰ ڀٽو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.09.18  عيسوي

مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو


1996.09.20  عيسوي

مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انڙ انڙائي
بڪيرائي مراد علي شاهه
دائود بن نصر
گهرام فقير جتوئي
بخاري جمال الدين
سيد فتح محمد شاهه لڪياري
رحيم بخش سومرو
راڻو وساڻ
عثمان عباسي مخدوم
خشڪ عبدالله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون